تل ابيب-29 ڊسمبر (اي پي پي)اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت غزه ۾ يرغمال بڻايل ??سرائيلي شهرين جي آزادي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. اسرائيلي اخبا?? دي يروشلم پوسٽ موجب يرغمالين جي پوئينرن سان ڳالهين ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسرائيل سمورين مغوين جي واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته قطر ۽ مصر معاملي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻه ڌار ڌار تجويزون پيش ڪيون آهن ۽ اسان هن وقت رابطو ڪري رهيا آهيون. هن يرغمالين جي وارثن کي چيو ته آئون ڳالهين جي صورتحال جا ??فص??ل نٿو ٻڌائي سگهان. اسان انهن سڀني يرغمالين جي واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو اسان جو مقصد آهي. روس جي خابرو اداري تاس موجب اسرائيلي وزيراعظم جي يرغمالين جي وارثن سان ڳالهين کانپوءِ اسرائيلي جنگي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قطر ۽ مصر طر??ان ڌرين ۾ ٽياڪڙي جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
يرغمال بڻايل اسرائيلي شهرين جي آزادي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون: اسرائيلي وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II