ايمسٽرڊم -07 مئي (اي پي پي )آمريڪي يونيورسٽين جي حق ۾ شروع ٿيل شاگردن جا مظاهرا سموري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙجي ويا آهن. العربيه موجب غزه ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف يونيورسٽي شاگردن جو احتجاج هاڻي ملڪن جون سرحدون پار ڪندي بيلجيم ۽ نيڌر لينڊ تائين ??هچ?? ويو. شاگردن احتجاج دوران گنٽ ۽ ايمسٽرڊيم جي يونيورسٽين جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪري ڇڏيو. شاگردن احتجاج دوران گنت ۽ ايمسٽرڊيم جي يونيورسٽين جي ڪجهه حصن تص قبضو ڪيو يونيورسٽي آف گينٽ جي ترجمان موجب 100 شاگردن ??ونيورسٽي جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪيو آهي هن وڌيڪ چيو ته احتجاج 8 مئي تائين جاري رهندو گنٽ يونيورسٽي شاگردن جي احتجاج جي اجازت ڏيڻ جي درخواست کي منظور ناهي ڪيو پر يونيورسٽي جي ڪجهه ملازمن ۽ پروفيسرن احتجاج جي حمايت ۾ هڪ کليل خط تي ص??حي??ن ڪيون آهن ان ??ط ۾ يونيورسٽي پاران اسرائيل سان تعلق جاري رکڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي وئي آهي . يونيورسٽي آف ايمسٽرڊيم جي ترجمان ٻڌايو ته نيدر لينڊ ۾ شاگردن ??ونيورسٽي جي هڪ علائقي تي قبضو ڪري انتظاميا کي مطالبو ڪيو ته اسرائيل سان پنهنجي اقتصادي شراڪت بند ڪري .
غزه ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف يونيورسٽي شاگردن جو احتجاج هاڻي ملڪن جون سرحدون پار ڪندي بيلجيم ۽ نيڌر لينڊ تائين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2