واشنگٽن-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ??مر??ڪا، اسر??ئي?? جي وزيراعظم نيتن ياهو جي انڪار باوجود عارضي جنگ بندي تي قائم رهڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان ۾ حملو روڪڻ جي حوالي سان ??مر??ڪي دفاع واري ??زير لائيڊ آسٽن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته حزب الله ۽ اسر??ئي?? وچ ۾ هر قسم جي جنگ جو خطرو آهي پر ان باوجود هن چيو ته سفارتي حل اڃان به موجود آهي . هن لنڊن ۾ پنهنجي برطانوي ۽ آسٽريلوي هم منصبن سان ملاقات بعد بيان ۾ چيو ته دنيا کي هاڻي هڪ وڏي جنگ جو خطرو درپيش آهي. اها جنگ اسر??ئي?? ۽ لبنان ٻنهي لاءِ تباهي جوڳي ثابت ٿي سگهي ٿي، پر سندس خيال هو ته اسر??ئي?? ۽ لبنان وچ ۾ سفارتي حل اڃان به موجود آهي. هن چيو ته ??مر??ڪا پنهنجي دعوى مطابق اسر??ئي?? کي پنهنجي ۽ خودمختيار زمينن جي تحفظ ۾ مدد ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي تبديل نه ڪندو. ??مر??ڪا سموري ??چ اوڀر ۾ ??مر??ڪي فوج ۽ اهلڪارن جي حفاظت لاءِ تيار آهي. لائيڊ آسٽن جو اه?? بيان ان و??ت سامهون آيو جڏهن ??مر??ڪا عارضي جنگ بندي جي پنهنجي موقف جو ورجاءِ ڪيو آهي. ??مر??ڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته دنيا جا ملڪ خاص طور تي وڏا عرب ملڪ، جي سيون ۽ يورپي يونين سرحد تي اسر??ئي?? ۽ حزب الله وچ ۾ ويڙهه روڪڻ چاهين ٿا. اسر??ئي?? طرفان فرانس جي پيش ڪيل جنگ بندي جي تجويز کي رد ڪرڻ ۽ ??مر??ڪا جي حمايت متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ انتوني بلنڪن چيو ته سموري دنيا يورپ ۽ خطي جي سمورن وڏن ملڪن طرفان واضع طور تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته هو ان معاملي تي ڳالهين لاءِ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ نيويارڪ ۾ اسر??ئي?? جي اختيارين سان ملاقات ڪندو. نيتن ياهو جي آفيس مان ٻڌايو ويو آهي ته هو اتر اسر??ئي?? ۾ پوري ??وت سان ويڙهه جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، اهو موقف اهڙي و??ت سامهون آيو آهي جڏهن اسر??ئي?? جي پرڏيهي وزير جنگ بندي جي تجويزن کي رد ڪندي چيو آهي ته اتر وارن علائقن جي شهرين کي سندن گهرن ڏانهن محفوظ واپسي ت??ئي?? حزب الله خلاف ويڙهه جاري رهندي.ٻئي طرف اسر??ئي?? اعلان ڪيو آهي ته کيس موجوده جنگي ڪوششن جي حمايت لاءِ ??مر??ڪا کان 8.7 بلين ڊالرن جو امدادي پيڪيج مليو آهي. ان پئڪيج ۾ جنگي ڪوششن بابت ضروري خريدارين لاءِ مخصوص ڪيل 3.5 ارب ڊالر ۽ فضائي دفاعي نظام لاءِ مختص 5.2 ارب ڊالر شامل آهن. انهن ۾ آئرن ڊوم اينٽي ميز??ئي?? سسٽم ۽ هڪ جديد ليزر سسٽم پڻ شامل آهن.
دنيا کي هاڻي هڪ وڏي جنگ جو خطرو درپيش آهي: آمريڪي دفاع وارو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج