اسلام آباد ??? 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف حصن ۾ صحافين ۽ صحافتي ادارن جي توهين ??ي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن تي پاڪستان اندر صحافت جي آزادي سان گڏوگڏ صحافين ??ا حق متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين، صحافين ۽ صحافتي ادارن جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت هر ممڪن صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران پي ايف يو جي جي اهتمام هيٺ آزادي صحافت ريلي کي خطاب ڪري رهي هئي. پي ايف يو جي جو صدر افضل بٽ، ني??نل پريس ڪلب جو صدر شڪيل انجم، ٻين ??حافتي گروپن جا اڳواڻ ۽ سوين ??حافي ان موقعي تي موجود هئا. صحافي برادري پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ جي قيادت ۾ ني??نل پريس ڪلب اسلام آباد کان ريلي ڪڍي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن به صحافي جو مطالبو منهنجو مطالبو آهي، هر جائز مطالبي تي آئون صحافين ??ان گڏ بيٺل هوندي آهيان ۽ بيٺل رهنديس.
صحافت جي آزادي ۽ صحافين جا حق متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria estadual