اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وز??راعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سالياني ترقياتي اسڪيمن جي معاملن ۽ بجيٽ تياري کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ منظوري بابت معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪ چين ايف ٽي اي تحت خصوصي فو??س جي تربيت جي معاهدي، انٽيليڪچوئل پراپرٽي ٽربيونل جي پرزائيڊنگ آفيسر جي مقرري، وفاقي ڪابينا جي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونل جي چيئرمين جي مقرري ۽ ليگل پريڪٽيشنر ۽ بار ڪائون??ل ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس دوائن جي لائيسنس، رجسٽريشن، تشهير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ايڊمنسٽريشن آف پراپرٽي رولز ۾ تجويز ڪيل ترميمن بابت قانوني معاملن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪئي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات