پشاو?? – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪست??ن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پي ڪي 9 سوات مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر محمود خان کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل جي انچارج افتخار دراني باقاعده تصديق ڪئي آهي. ياد رهي ته محمود خان جي صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مالاڪنڊ ڊويزن مان وڏي وزير جي حيثيت سان نامزدگي ٿي آهي ان کان اڳ مالاڪنڊ ڊويزن مان ڪنهن به وڏي وزير جو عهدو ناهي سنڀاليو. 46 سالن جي محمود خان جو تعلق خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات سان آهي کيس اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ راندين، ??قا??ت ۽ سياحت جو صوبائي وزير بڻايو ويو، اپريل 2014ع ۾ کانئس وزارت و??تي وئي جڏهن ته جولاءِ 2014ع ۾ کيس ٻيهر وزير بڻائي آبپاشي جو کاتو ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania