کٽمنڊو – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ت??اون بابت ڏکڻ ايشيائي تنظيم (سارڪ) کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن تي ڪ??ربند رهيو آهي، هن اها ڳالهه سارڪ سيڪريٽريٽ جي دوري دوران پنهنجي خطاب ۾ چئي ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين سارڪ کي خودمختيار برابري جي اصول تي ٻڌل علائقائي ت??اون لاءِ هڪ فعال ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته سارڪ ميمبر ملڪن جي اقتصاديات کي سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل اهميت جي مختلف شعبن ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت رکندڙ آهي، هن ان ڳالهه ??ي زور ڏنو ته تنظيم کي خطي جي معيشت، ثقافت ۽ سماجي ت??قي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے