اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا 6 سيڪڙو جي واڌ جي شرح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ادائيگين ۾ توازن، مالي ۽ قرضن جي سگهه ۽ سرڪاري ادارن جي بهتر نظم ?? ضبط جي لاءِ عبوري ڪابينا جي مينڊيٽ تحت فوري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو، گهرو سيڪريٽري ڪابينا کي وفاقي گهرو وزرات ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ملڪ ۾ داخلي سلامتي ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ انتظامي پاليسي قدمن جي باري ۾ ڪابينا کي آگاهه ڪيو. گهرو سيڪريٽري وفاقي ڪابينا کي آزاداڻي، منصفاڻي، غير جانبداراڻي ۽ پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد جي ڏس ۾ گهرو وزارت جي قدمن جي باري ۾ به ٻڌايو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی