بيجنگ-27 مارچ (اي پي پي)چين ??يبرپختونخواهه ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذ??ت ڪندي ان واقعي جي جلد تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين ??ي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاڪستان ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي تي اربع ڏينهن تبصرو ڪندي چيو آهي ته چين ??ن دهشتگرد حملي جي شديد مذ??ت ڪري ٿو ۽ پاڪستان کان ان واقعي جي جلد کان جلد تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان چ??و ته 26 مارچ تي ڪي پي ڪي صوبي ۾ چيني ڪمپني جي داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني ۽ هڪ پاڪستاني ش??ري فوت ٿيا. هن سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ترجمان چ??و ته اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. چين پاڪستان سان هر ممڪن ڪوشش سان فالواپ آپريشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان ٻڌا??و ته پاڪستان ۾ چين ??ي سفارتخاني چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪاروباري ادارن کي سيڪيورٽي صورتحال تي ويجهي رکڻ، حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ دهشتگرد حملن خلاف اضافي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چ??و ته چين ۽ پاڪستان سدار بهار اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتدار ۽ م??بو?? دوست آهن ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چ??و ته چين پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. هن چ??و ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. چين ??ي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چ??و ته چين پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي مڪمل تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ م??بو??ي سان ڪم ڪندو.
چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي: چين جي پرڏيهي وزارت پاران داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال