گڏيل قومون-07 جون (اي پي پي) چي?? وڌيڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام ل??ءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو آهي. چائنا ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چي?? جي مستقل نمائندي فوڪونگ يورپي يونين جي سياسي ۽ سلامتي ڪميٽي سان گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل جي غير رسمي اجلاس کي خطاب ڪندي چي?? ته ڪنهن کي اهو وهم نه هجڻ گهرجي ته هو ميدان جنگ ۾ بالادستي حاصل ڪري ٻئي ڌر کي ڳالهين جي مي?? تي آڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو. اهڙي سوچ صرف محاذ آرائي کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي ۽ جنگ کي ڊيگهه ڏئي سگهي ٿي. هن چي?? ته موجوده صورتحال ۾ سمورن ملڪن جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ۽ متوازن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. هن هڪ متوازن، موثر ۽ پائيدار يورپي سيڪيورٽي نظام ل??ءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريندي چي?? ته دنيا کي اڄ وڏا چئلينج ۽ سلامتي جي سنگين صورتحال درپيش آهي. تڪرارن جي خاتمي، امن جي بحالي ۽ مختلف خطرن کي موثر طريقي سان منهن ل??ءِ اسان کي تڪرارن جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ گهرجي، گڏيل طور تي امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌا??ڻ گهرجي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ گهرجي.
چين پاران وڌيڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج