گڏيل ق??مون-02 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل ق??من چيو آهي ته اسرائيلي فوج پاران لبنان جي علائقن کي خالي ڪرڻ وارن حڪمن کان پوءِ لبنان مان 2 لک ماڻهو لڏ?? پلاڻ ڪري بي گهر ٿي چڪا آهن جن مان هڪ لک کان وڌيڪ شام هجرت ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتوني??گو??ريش جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل ق??من جي انساني معاملن واري اداري لبنان ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي انگ ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته لبنان ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي فوري طور تي مدد لاءِ پنهنجي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. يونيسيف موجب 2 هزار کان وڌيڪ اجتماعي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ 50 هزار بي گهر ماڻهن کي ضروري سامان مهيا ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته سيڪريٽري جنرل انتوني??گو??ريش عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اها انساني بنياد تي 426 ملين آمريڪي ڊال??ن جي هنگامي امداد فراهم ڪري جنهن کي ايندڙ ٽن مهينن تائين 10 لک ماڻهن جي امداد لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
لبنان مان 2 لک ماڻهو هجرت ڪري چڪا آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste