اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته قومي مالياتي ??يوارڊ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهي??ن، سوئس بئنڪن ۾ پاڪستانين جي اڪائونٽس جي معلومات جي حوالي سان 25 جون تي پاڪستان جي ٽيم سوئيٽزرلينڊ ويندي، عالمي ادارا پاڪستان کي سڌوسنئون سيڙپڪاري جي لاءِ ٻي محفوظ جاءِ قرار ڏئي رهيا آهن، چين پاران پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه منصوبي جي لاءِ ملندڙ 46 ارب ڊالر مان 35 ارب ڊالر توانائي جي منصوبن تي هنيا ويندا. قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل تي ??حث سهيڙيندي هن چيو ته قومي مالياتي ??يوارڊ جو بجيٽ سان سڌوسنئون ڪو واسطو نه آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ان کي جلد مڪمل ڪري??ن، 18 هين ترميم تحت صوبن ڏانهن منتقل ٿيندڙ شعبن ۾ صوبا پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis