اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪرڻ غيرموزون آهي، ڪجهه پارٽين پاران چونڊن کي تڪراري بڻائي ان ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وقت کان اڳ اسيمبلي تحليل جي ڳالهه اهي ماڻهو ڪن ٿا جن چار سال ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ادارن جي توهين ڪرڻ کانسواءِ ڪج??ه ناهي ڪيو. احتساب عدالت ٻاهران صحافين ?? نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو آهي ڇو ته سندس دل ۾ ڪو چور نه آهي ۽ کيس خبر آهي ته هن ڪا چوري ناهي ڪئي، ته اهو تاثر ختم ٿي ويو آهي ته هو عدالت مان ڀڄي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان