اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستا?? جي وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس کي تعليمي اداري ۾ تبديل ڪرڻ، ??اڏيون نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي ۽ حڪمران بادشاهن واري زندگي گذاريندا رهيا، ملڪ جو قرض 28 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، آئون عوام کي ٻڌائيندس ته ايترو پئسو ڪيڏانهن ويو، وزيراعظم هائوس کي تعليمي ادارو بڻايو ويندو، گورنر هائوسز، وزيراعليٰ هائوسز ۽ ريسٽ هائوسز ۾ عوام جو پئسو خرچ ڪي?? وڃي ٿو اتي سادگي اختيار ڪئي ويندي، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ تي پاڻ سخت نظر رکندس، گهرو وزارت مون وٽ هوندي، سرڪاري ملازم?? جي لاءِ جزا ۽ سزا جو قانون لاڳو ڪيو ويندو، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي لاءِ هٿ ونڊرائين، چيف جسٽس بيواهن جا ڪيس ترجيحي بنيادن تي ٻڌي، پوليس ۾ سڌارا آندا ويندا، ملڪ ۾ بچت جي لاءِ ڊاڪٽر عش??ت حسي?? جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ??ئي ويندي. قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون پنهنجي پهرين سڀني ڪارڪنن جا ٿورا مڃيان ٿو جيڪي 22 سال اڳ هن تحريڪ ۽ هن جهاد ۾ مون سان گڏ هئا، سياست ٻن قسم?? جي هوندي آهي هڪ ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهي?? وڃي ٿو ۽ ٻيون منهنجو رول ماڊل قائداعظم محمد علي جناح هو جيڪو هڪ مش?? جي لاءِ سياست ڪندو هو جيڪو اسا?? جي نبي حضرت محمد صه مديني شريف جي رياست ۾ اچي هڪ مشن طور دنيا جي تاريخ ۾ انقلاب کڻي آيو.
ملڪ ۾ سادگي اختيار ڪئي ويندي، قرض جو بار وڌي ويو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر