اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پارليامينٽ هائوس ۾ ڪئميره مينن تي تشدد ڪندڙن کي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، نوا?? شريف جي پرائيويٽ گار?? پاران ڪئميره مينن ??ي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اڳتي پرائيويٽ گارڊ ک?? پارليامينٽ ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي، سخت سرديءَ هجي يا گرمي وڊيو جرنلسٽس پنهنجا فرض سرانجام ڏين ٿا. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ايس ايس پي اسلام آباد وقار خان سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نوا?? شريف جي پرائيويٽ گارڊ ڪئميره مينن ??ي نشانو بڻايو.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون