گڏيل قومون – 23 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ف??سط??ن جي مستقل مبصر رياض منصور والاريل اولهندي ڪناري جي شهر نابلس ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ف??سط??ني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سعودي خابرو اداري موجب هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي برادري ۽ سيڪريٽري جنرل کان مطالبو ڪيو ته هو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ تي عملدرآمد ڪندي ف??سط??ني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. گڏيل قومن ۾ ف??سط??ني مشن ايندڙ ڏينهن ۾ هنگامي اجلاس منعقد ڪ??ڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن سان ڳالهيون ڪندو. ف??سط??ن ۾ ??ذر??ل ڏينهن اولهندي ڪناري جي شهر نابلس تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 10 ماڻهو شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، ف??سط??ن لبريشن آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري حسين الشيخ نابلس ۾ اسرائيلي حملي کي قتل عام قرار ڏيندي عالمي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي.
سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فلسطيني مبصر رياض منصور
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش