اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) 31 جولاءِ تي ميمبر ملڪن جي ??رڏيهي ڪائونسل (سي ايف ايم) جو هڪ غير معمولي ۽ ورچوئل اجلاس منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سوئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ ان جي ??قدس ورقن کي ساڙڻ وارن واقعن تي غور ويچار ڪيو ويندو. اهو اجلاس سعودي عرب ۽ جمهوريه عراق جي درخواست تي سڏايو ويو آ????. ا?? آءِ سي جي ??رڏيهي وزيرن جو اهو هنگامي ا??لاس هلندڙ سال 2 جولاءِ تي جده ۾ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ ۾ منعقد هڪ غير معمولي ا??لاس بعد او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي جاري ڪيل حتمي بيان جي جواب ۾ سڏايو ويو آ??ي. بيان ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي ??قدس ورقن کي باهه ڏيڻ تي ڌيان ڇِڪائڻ ۽ ضرورت پوڻ تي ا??ليٰ سطحي هنگامي ا??لاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná