والاريل بيت المقدس-12 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري ورلڊ فوڊ پر??گرام (ڊبليو ??يف پي) چيو ??هي ته غزه جي صورتحال تباهي واري ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ ته گهيري ۾ آيل شهر ۾ خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي مسلسل گهٽجندي پئي وڃي، سعودي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پر??گرام جي فلسطين ڪنٽري آفيس ۾ ڪميونيڪيشن ۽ انفارميشن مينيجمينٽ جي سربراهه عاليه ذڪي چيو ??ه غزه ۾ خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي ختم ٿيڻ تي آهي ۽ صورتحال تباهي آڻيندڙ ٿي وئي آهي. هن چيو ??ه غزه ۾ تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر خوراڪ جي پيداوار ۽ دڪا??ن ۽ بيڪرين ۾ خوراڪ جي ورهاست ۾ شديد رڪاوٽون پيدا ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڊبليو ??يف پي ان صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيو ??هي، ڊبليو ??يف پي جي نگراني هيٺ اڌ دڪا??ن ۽ بيڪرين ۾ هڪ هفتي اندر کاڌو ختم ٿي ويندو، اهي ماڻهو جيڪي اڃان به ڪم ڪري رهيا آ??ن، انهن کي به بجلي جي بار بار بندش سان خوراڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي. گڏيل قومن جي اندازي موجب غزه جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي پهرين ئي غربت جي زندگي گذاري رهي آهي، عاليه ذڪي موجب ڊبليو ??يف پي پهرين ئي غزه ۽ اولهندي ڪناري جي 8 لک کان وڌيڪ ماڻهن جو خوراڪ، پاڻي ۽ ضروري شين تائين رسائي کان محروم آ??ن، کي خوراڪ جي هڪ اهم لائف لائن فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ هنگامي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ??هي. هن چيو ??ه ڊبليو ??يف پي غزه ۾ امداد پهچائڻ لاءِ انساني همدردي جي بنيادي تي راهداري کي کولڻ جو مطالبو ڪري ٿو، سرحدن کي کليو ??کيو وڃي ۽ بارود کان محفوظ رکڻ به ضروري آهي.
غزه ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي فراهمي محدود، صورتحال تباهي آڻيندڙ ٿي وئي: ورلڊ فوڊ پروگرام
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج