غزه -15 نومبر (اي پي پي) حماس غزه جي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا تي ??سر??ئيلي فوج جي حملي لاءِ ??سر??ئيل ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن کي مڪمل طور ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. برطانيا جي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق حماس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته آمريڪي ڳجهن ادارن جي ان بيان جنهن ۾ ??سر??ئيل جي ان ڪوڙي دعويٰ جي حمايت ڪئي هئي ته الشفا ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ عسڪريت پسند موجود آهن، ??سر??ئيلي فوج کي اسپتال تي حملي جو گرين سگنل ڏنو ۽ هن پنهنجي ڪارروائي دوران اسپتال ?? موجود عملي، ڊاڪٽرن، مريضن، زخمين ۽ عام ماڻهن جو قتل عام ڪيو. برطانوي خابرو ادار?? مطابق انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيترن ادارن ??سر??ئيل جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته حماس پنهنجي مزاحمتي ڪارروائين ۾ اسپتال کي استعمال ڪري رهيو آهي. ان کان پهرين وائيٽ هائوس اڱاري تي چيو هو ته سندس ڳجهي معلومات مطابق حماس غزه جي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا ميڊيڪل ڪامپليڪس کي پنهنجي ڪارروائين ۽ امڪاني طور هٿيارن جي ذخيري لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي جيڪو جنگي ڏوهه جي زمري ۾ اچي هو. ??سر??ئيل جي فوج جي دعويٰ آهي ته حماس جا عڪسريت پسندن الشفا اسپتال هيٺان پنهنجو هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو آهي. غزه جي حڪمران پارٽي حماس الشفا سپتال ?? ويڙهاڪن جي موجودگي کان انڪار ڪيو آهي ۽ چيو آهي، ته 650 مريض ۽ 5 هزار کان 7 هزار ٻيا شهري اسپتال اندر ??سر??ئيل جي سنائپرز ۽ ڊرونز جي لاڳيتي فائرنگ سبب ڦاٿل آهن. حماس مطابق ويجهن ڏينهن ۾ 40 مريض فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 3 وقت کان اڳ پيدا ٿيل ٻار پڻ شامل آهن. انهن ٻارن کي جن کي انڪيوبيٽرز ۾ رکيو ويو هو هو بند ٿيڻ سبب فوت ٿيا. بيروت ۾ حماس جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته ??سر??ئيل جي فوجي ڪارروائيون جي نتيجي ۾ غزه جي 35 اسپتالن مان 25 استعمال جي لائق ناهن رهيا.
حماس اسرائيل ۽ آمريڪي صدر کي الشفا اسپتال تي حملي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد