رياض-01 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي مڪه مڪرمه ۾ حلال احمر اٿارٽي رمضان المبارڪ جي شروعاتي ٻن عشرن دوران 29 هزار 427 ڪيس اوڪلائي ڇڏيا آهن .ايجنسي ايس پي اي موجب مڪي مڪرڪه ۾ حلال احمر اٿارٽي پاران جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ??هي ته او??لا??ل ڪيسن ۾ وڌيڪ ڪيس صحت ۽ ٽريفڪ حادثن بابت هيا هن چيو ??ه حلال احمر اٿارٽي وٽ جديد تر??ن ٽيڪنالوجي سان ليس ايمبولينسز به آهن انکان سواءِ هو موٽر سائيڪل ، گالف ڪارٽ ، سائيڪلون ۽ سيڪورٽي به استعمال ڪيون ٿا. سعودي حلال احمر اٿارٽي رمضان المبارڪ دوران مسجدالحرام ۾ خصوصي ايمرجنسي سروسز ۽ 35 کان وڌيڪ ايمبولينس مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ 6 مسجد الحرام ۾ جڏهن ته 21 داخلي ۽ اٺ بيروني مرڪز آهن مسجد الحرام ۾ موٽر ٽرانسپورٽ لا??ِ اٿارٽي 7 ڪرائسز منيجمنٽ وهيڪلز 150 سائيڪلون ، اسڪوٽرون ، 10 موٽر سائيڪلون ۽ 14 گالف ڪارٽس فراهم ڪيون آهن ان منصوبي جو فوڪس هنگامي صورتحال ۾ فوري طبي امداد ۽ مسجد الحرام ويجهو طبي مرڪز تائين تيز رفتارٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي رمضان جي آخري ڏهن ڏينهن ۾ ايمرجنسي ٽيمون وڌيڪ نمازين وارن هنڌن تي خدمتن کي تيز ڪنديون هن چيو ??ه رمضان شريف جي شروعاتي ٻن عشرن ۾ اٿارٽي مڪه مڪرمه ۾ 21 هزار 444 ، جده ۾ پنج هزار 426 ۽ طائف ۾ ٻه هزار 557 ڪيس رپورٽ ٿيا .
مڪه مڪرمه سعودي حلال احمر رمضان شريف جي شروعاتي ٻن عشرن دوران 29 هزار کان به وڌيڪ ڪيسز اوڪلائي ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج