واشنگٽن -23 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي، ته صدارتي اليڪشن ج?? ڊوڙ مان سندس هٿ کڻڻ وارو فيصلو درست آهي، هن پنهنجي حامين تي زور ڀريو ته هو صدارتي چونڊن لاءِ نائب صدر ڪملا هيرس جي صدارتي اميدوار ??ور نامزدگي جي حمايت ڪن. العربيه اردو مطابق آمريڪي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي چونڊ مهم جي ٽيم سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ چيو ته هو پنهنجي ٽيم کي چوڻ چاهي ٿو ته هو ڪملا هيرس کي حمايت ڪن ڇو ته هوءَ بهترين اميدوار آهي. هن صدارت?? ڊوڙ مان پنهنجي هٿ کڻڻ واري فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو ته هو سمجهي ٿو ته هي خبر اوچتي هئي ۽ ان ??ي ٻڌي اوهان ??ي عجيب لڳو پر هي فيصلو درست آهي. هن ان عزم جو به اظهار ڪيو ته سندس صدارتي مدي جي آخري مهينن دوران غزه ۾ جنگ ختم ڪرائڻ، وچ اوڀر ۾ امن کي يقيني بڻائڻ ۽ سمورن قيدين جي سندن ملڪن ڏانهن واپسي لاءِ ڪم جاري رهندو. جڏهن ته آمريڪي نمائندن واري ايوان جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ ڊيمو ڪريٽڪ اڳواڻ نينسي پلوسيءَ نائب صدر ڪملا هيرس کي صدارتي اميدوار ??ور نامزد ڪرڻ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته هو صدر جوبائيڊن جي جاءِ تي ڊيمو ڪريٽڪ صدارتي اميدوار ??ور ٻيهر پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪري، هڪ بيان ۾ نينسي پلوسيءَ چيو ته اڄ اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ وڏي فخر ۽ بي پناهه اميد سان ??ڏ آئُون نائب صدر ڪملا هيرس جي صدارتي اميدوار ??ور تائيد ڪريان ٿي. ڪملا هيرس سياست ۾ هڪ عورت ??ور تمام گهڻي هوشيار آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته هوءَ نومبر ۾ اسان ??ي فتح ڏياريندي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران ڪملا هيرس جي حمايت تي زور، نينسي پلوسيءَ پاران ڪملا هيرس جي حمايت
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن