گڏيل قومون-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغا??ست??ن جي گادي واري شهر ڪابل ۾ گذريل ڏينهن ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي جنهن جي ذميواري داعش خراسان قبول ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن گذريل ڏينهن پريس بيان ۾ ڪابل ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو ف??ت ۽ زخمي ٿيا. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلين ۾ افغا??ست??ن سان گڏوگڏ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن ??ان هڪ آهي. هن زو?? ڀريو ته دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث عنصرن، مالي مدد ۽ سرپرستي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن گڏيل قومن جي سمورن ??يمبر ملڪن تي زو?? ڀريو ته اهي عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تحت پنهنجي ذميوارين موجب ان سلسلي ۾ سمورن ??اڳاپيل عملدارن سان فعال تعاون ڪن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڪابل ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج