رام الله- 6 فيبروري(اي پي پي) اسرائيلي فوج جنوري ۾ فلسطينن جي حقن جون 3 هز??ر 532 خلاف و??زيون ڪيون ۽ 8 ٻارن سميت 35 فلسطينن کي شهيد ڪيو آهي. ترڪ خابرو اداري مطابق فلسطيني سول سوسائٽي جي تنظيم ”فلسطيني انفارميشن سينٽر“ ج?? رپورٽ مطابق گذري مهيني والاريلاولهندي ڪناري ۽ اوڀر القدس ۾ فلسطينن خلاف يهوري آباد ڪارن ۽ اسرائيلي فوج طرفان ڪيل وڏهه ۽ حقن جي خلاف و??زين ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. اسرائيلي فوج گذريل مهيني هڪ بزرگ عورت ۽ 8 ٻارن سميت 35 فلسطينن کي شهيد ۽ 342 کي زخمي، 568 فلسطينن کي گرفتار ڪيو، اسرائيلي فوسز ۽ يهودي آبادڪارن فلسطينن جي حقن جون 3 هز??ر 532 خلاف و??زيون ڪيو. يهودي آبادڪارن غيرقانوني آبادڪاري جي 17 ڪارروائيون ڪيون ۽ 319 حملا ڪيا. جنوري ۾ اسرائيلي فورسز هٿان 40 فلسطينن جا گهر تباه ٿيا ۽ 154 گهرن تي ڇاپا هيان. ساڳي عرصي دوران عبادت گاهن تي 29 حملا، 38 روڊن ۽ علائقن جي بند ڪيا ۽ القدس ۽ اولهندي ڪناري ۾ 511 مستقل ۽ عارضي رڪاوٽون لڳايون. فلسطينن خلاف سڀ کان وڌيڪ خلاف و??زيون نابلس ۾ 894، القدس ۾ 462 ۽ رام الله ۾ 438 خلاف و??زيون ڪيون آهن.
اسرائيلي فوج جنوري ۾ فلسطينن جي حقن جون 3532 خلاف ورزيون، 8 ٻارن سميت 35 ڄڻن کي شهيد ڪيو: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا