گڏيل قومون -03 سيپٽ??بر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشي جون ڪارروائيون والاريل اولهندي ڪناري تائين پکڙجڻ بابت خبردار ڪندي چيو آهي، ته ??سرائيل جي نسل پرستي غزه ۽ اولهندي ڪناري کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فلسطيني علائقن ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي فرانسسڪا البانيز هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته ??سرائيل طرفان نسل ڪشي جون ڪارروائيون غزه کان اڳتي وڌي والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون. هن چيو ته ??سرائيل کي هڪ ڊگهي عرصي کان ڏنل ڇوٽ والاريل علائقن ۾ فلسطيني شهرين کي ختم ڪرڻ جي اجازت برابر آهي. هن چيو ته فلسطينين کي انهن طاقتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ته ??يڪي کين هڪ قومي گروهه طور ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ??ها اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي کي فوري طور روڪڻ لاءِ پنهنجي طاقت ذريعي هر م??ڪن ڪوشش ڪري. هن فلسطيني علائقن ما?? اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ آبادڪارن طرفان فلسطينين جي زمينن تي قبضي کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل طرفان پرتشدد ڪارروائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جتي اٽڪل 4 لک 90 هزار اسرائيلي آبادڪار 30 لک فلسطينين وچ ۾ رهن ٿا.
اسرائيل جُون نسل ڪشي واريون ڪارروائيون والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ