اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ مواصلات جي اهم منصوبن تي ٻڌل ??اڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان کي علائقائي مينوفيڪچرنگ محور بڻائيندو ۽ اها سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ تمام پرڪشش ستان/135771.html">مارڪيٽ هوندي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي ڪي او سي گورپ جي صدر فتح ڪمال ابيلي اولو سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي صورتحال لاڳيتو بهتر ٿي رهي آهي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري سان گذريل ٽن سالن ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پرڪشش هنڌ طور پاڪستان جي پوزيشن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ