اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪشمير مسئلي تي سفارتي مدد حاصل ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي نه ختم ٿيندڙ خلاف ورزين جي سلسلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ 196 ملڪن جي پارليامينٽ جي اسپيڪرن کي خط لکيا آهن، ڪشمير مسئلو پاڪستان جي پارليامينٽ جي اهم ترجيح آهي ۽ پارليامينٽ ۾ موجود سموريون سياسي پارٽيون ان تي متفق آهن. هن اهڙن خيالن ج?? اظهار آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل صدر مسعود خان سان ڳالهائ??ند?? ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. اسپيڪر چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ايجنڊا تي سڀ کان پراڻو حل طلب مسئلو آهي. هن چيو ته طاقت جي زور تي ڪشمير تي قبضو قوم، رياست ۽ عو??م جي بنيادي خودمختياري جي حق جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڪنهن به ٻاهرئين مداخلت کانسواءِ حڪومت جوڙڻ عو??م جو بنيادي حق آهي.
سردار اياز صادق سان آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا