اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ فنڊ (اين ڊي آر ا??م ايف) کي فعال بڻائي ٻوڏ، زلزلي، حادثن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ روڊ ميپ ڏئي ڇڏيو آهي، ان فنڊ جو فعال هجڻ نئين پاڪستان جي بدلجندڙ حالتن، سوچ ۽ عزم جو آئيندار آهي، ڊزاسٽر رسڪ اسٽيٽريجي پا??يس?? متعارف ڪرائي پئي وڃي ??نيا جي ڪجهه ملڪن ۾ اها پا??يس?? فعال آهي جنهن ۾ هاڻي پاڪستان به شمار ٿي??دو، اين ڊي آر ا??م ايف کي صوبن ۾ آفتن، حادثن، بلوچستان ۾ برفباري، ڏڪار جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ، بلين ٽري منصوبي، ايڪوٽوئرازم، ريسڪيو 1122 کي پوري ملڪ تائين پکيڙڻ جو مينيڊيٽ ڏنو ويو آهي، رانا ثناءُ الله مون کي بچايو تحريڪ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، نواز شريف ۽ شهباز شريف جيڪڏهن پاڪستان واپس اچڻو هجي ها ته پوڙهي ماءُ کي اتي نه گهرائين ها. هو نيشنل ڊزاسٽر ريسڪ مينيجمينٽ فنڊ (اين ڊي آر ا??م ايف) جي دوري جي موقعي تي بريفنگ کانپوءِ سي اي او اين ڊي آر ا??م ايف ليفٽيننٽ جنرل (ر) ند??م احمد سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي
وزيراعظم هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ روڊ ميپ ڏنو آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج