اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاق جي بار بار چوڻ جي باوجود سن?? حڪومت سرڪاري ڪڻڪ رليز نه ڪري رهي آهي، ان سان سن?? ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا مڻ ۽ 20 ڪلو جو اٽي جو ٿيله?? 1500 روپين تائين پهچي چڪو آهي، ??لا??ل حڪومت سنڌ ج?? عوام کي مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، عوام طرفان راءِ اچي ٿي پر اهڙي قدمن طرف نه وينداسين جنهن سان غير جمهوري رويو سامهون اچي، وفاق سنڌ ج?? عوام کي نه پهرين اڪيلو ڇڏيو آهي ۽ نه هاڻي اڪيلو ڇڏيندو. هو بحري معاملن واري خاص مددگار محمود مولوي ۽ سن?? مان ايم اين اي سيف الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي معاملي ۾ عوام تي ظلم ڪري رهي آهي، سن?? حڪومت هر سال عوام جي ٽيڪس مان خريداري ڪئي، سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز ناهي ڪندي، هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري اگهه 1950 روپين تي ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي وئي، ان سان اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، اڄ به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 روپين جو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي سن?? ۾ 13 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ ج?? عوام سان دشمني جاري آهي، ??لا??ل زرداري جي سن?? حڪومت عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي رهي آهي، هن چيو ته 5 آڪٽوبر تي غذائي تحفظ واري وزارت سن?? حڪومت کي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪرڻ لاءِ ٻيهر خط لکيو پر اڃان تائين ان تي عمل ناهي ٿيو. سن?? حڪومت کي ڪو فرق نٿو پوي عوام کي ڪڻڪ، اٽي مافيا جي رحم ڪرڻ تي ڇڏي ڏنو آهي، سن?? حڪومت پاران سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز نه ڪرڻ جي ڪري اڄ سن?? ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا في مڻ ۽ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 14 سو کان 15 سئو روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي ان جا ذميدار سن?? حڪومت ۽ ??لا??ل آهن، اهي وقت اگهه وٺندڙ مافياز جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. ??لا??ل ٻڌائي آخر ڪيستائين سنڌ ج?? عوام کي مافيا جي رحم ڪرڻ تي ڇڏيندو، پنجاب جي آبادي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان جي باوجود سرڪاري ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي ۽ نتيجا اٽي جون قيمتون گهٽ آهن، سن?? حڪومت کان مطالبو آهي ته فوري طور تي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪري، سن?? حڪومت ٻڌائي ته سرڪاري ڪڻڪ ڪٿي آهي، پاڻ چوري ڪندا آهن ۽ هڻندا ڪوئن تي آهن، سن?? جا ڪوئا به 13 ارب روپين جي ڪڻڪ کائي ويا، پيپلزپارٽي حڪومت جو چوري ڪيل پئسي مان پيٽ ڪڏهن نه ڀرجندو، هن چيو ته موجوده حڪومت ڏيڍ سال ۾ 30 ارب روپين جي سبسڊي ڏني، هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي سڌو سنئون سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، طريقيڪار طئي ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ٽن سالن ۾ اين ايف سي جي مد ۾ 19 سئو ارب روپيا فراهم ڪيا آهن، ٻڌايو وڃي ته اهي ڪٿي استعمال ٿيا، هن چيو ته ڪراچي ٽرانسفرمشن پلان، گرين لائين بس سروس، ايئرپورٽ، نالن جي ري ماڊلنگ، ڪراچي فريٽ ڪوريڊور، سرڪلر ٽرين، اندروني سن?? ترقي منصوبن تي وفاق ڪم ڪري رهيو آهي، احساس ڪيش پروگرام تحت سڀني کان وڌيڪ 66 ارب سنڌ ج?? عوام ۾ ورهايا ويا، هن چيو ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪو وڏو ڊيم نه ٺهيو اسان جي حڪومت 10 وڏن آبي ذخيرن تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته نومبر کان فيبروري وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن کي 5 کان 7 روپيا في يونٽ سبسڊي ڏيندي.
وفاق جي بار بار چوڻ جي باوجود سنڌ حڪومت ڪڻڪ رليز نه پئي ڪري: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔