اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ تعمير ۽ ترقي لا??ِ پاڪس??ان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا رکندڙ رهيو آهي، پاڪس??ان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن، اقتصادي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ تعمير لا??ِ پاڪس??ان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا ڏيندڙ رهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته پ??ڪس??ان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آمريڪا، پاڪس??ان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊ?? آهي، آمريڪي ڪمپنيون، 200 ملين آبادي تي مشتمل پاڪس??ان جي اڀرندڙ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون، پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان جي دوري تي آيل ايوان نمائندگان ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ۽ ڪانگريس ۾ ايمي بيرا سان ٿيندڙ ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. پاڪستاني ڄائي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود ڪابل مان آمريڪي شهرين جي محفوظ نموني نڪرڻ ۾ پاڪس??ان جي ڀرپور مدد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.
پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ