اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان ??ينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي، پاڪستان پاران پيش ڪي?? ڊوزيئرز سان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿيو، گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن پاڪستان ??ي موقف ۽ ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪئي، عالمي برادري ڀارت تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪ??ل قدمن واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ يوم يڪجهتي جي موقعي تي غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته قوم 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهي آهي، ايوان مان ڪشميري ڀائرن کي يڪجهتي جو پيغام ويندو، پاڪستان ۽ ڪشمير جو جسم ۽ جان، انسانيت، محبت ۽ ڀائيچاري جو رشتو آهي، ڪشمير پاڪستان ??ي شه رڳ آهي، عالمي تڪرار جنهن جو حل ڪشميري عوام جي خواهشن موجب خودمختياري واري حق کانسواءِ ناممڪن ??هي،ڪشمير تي ڀارتي قبضي سان ??ڄ تائين ڀارتي ظلمن جاري آهن، 9 لک ڀارتي فوج موجود هجڻ جي ڪري ڪشمير جيل بڻجي چڪو آهي، ڪشميري نوجوانن، مائرن، ڀينرن قربانيون ڏئي آزادي جو علم بلند ڪري رکيو آهي، اها ڏاڍ ۽ واعدي خلافي جي ڊگهي تاريخ آهي، هن چيو ته ڀارتي آئين ۾ ڪشميرين جي شناخت برقرار رکڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، ڪشميرين کان ??اءِ شماري جو واعدو به ڪيو ويو هو، نريندر مودي جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڪشمير ۾ نئين صورتحال پيدا ٿي، هن چيو ته 5 آگسٽ 370 ۽ 37 اي کي ڀارتي آئين مان ??ذف ڪيو وڃي ٿو، هندوتوا جي فلسفي تحت اسرائيلي طرز تي ڪشمير ۾ هندوئن کي رهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، 4.2 ملين ماڻهن کي غير قانوني ڊوميسائيل جاري ڪيا وڃن ٿا، ڪشميرين تي اهڙو ظلم ڪيو ويندو آهي جنهن تي انسانيت شرمائجي ويندي آهي، ڪشمير حريت اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو، سيد علي گيلاني جي مڙهه سان ڀارتي سلوڪ انسانيت جي منهن تي چماٽ آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ حڪومت ڪشميرين سان يڪجهتي جو پيغام ڏنو، وزيراعظم ڪشمير جو سفير بڻجي ڏيکاريو، هن گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. قائدايوان ??ينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??المي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ??ن تڪرار کي هر فورم تي اٿاريو، او آءِ سي جي خصوصي اجلاس ۾ به ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو، پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ عالمي سطح کنيو، پاڪستان پاران پيش ڪي?? ڊوزيئر سان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿيو، ڀارت تنهائي جو شڪار آهي، ڪشمير مسئلو هن وقت عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن پاڪستان ??ي موقف ۽ ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪئي. هن چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ مشن والاريل ڪشمير ۾ به وڃي، رسل ٽربيونل آن وار ڪرائم پنهنجي رپورٽ ۾ ڀارت کي نسل ڪشي جو ذم??دا?? قرار ڏنو آهي، ڀارتي اڳواڻ به مودي جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جو اعتراف ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪسمير مسئلي ۽ سرحدي تڪرارن سان پاڪستان ۽ چين جو تعلق آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي سمجهڻ گهرجي ته ظلم جي رات ڊگهي ٿي سگهي ٿي پر آزادي جو سج ضرور اڀرندو، هن چيو ته ڀارت ظلمن جي ذريعي ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جا غير قانوني قدمن واپس وٺي، دنيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم روڪڻ لاءِ قدم کڻي. جعلي ڊوميسائيل کي رد ڪيو وڇي، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي يقيني بڻايو وڃي، مودي کي جنگي ڏوهن تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻندو وڃي.
موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي: ڊاڪٽر شهزاد وسيم
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria