اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن ڪئمپ پاليٽسڪ جو حصو نه بڻجندو، اسان معاشي ۽ انساني طور تي گروپ سياست جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رکنداسين، رو?? گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان جا يورپي يونين، آمريڪا سميت دنيا جي سمورين طاقتن سان بهترين لاڳاپا آهن، علائقائي رابطن جي لاءِ رو?? جي خصوصي اهميت آه??، وزيراعظم مناسب وقت ۽ جڳهه تي يوڪرين جي حوالي سان ڳالهه ڪئي، رو?? يوڪرين تڪرار سفارتي ڪوششن سان حل ٿيڻ گهرج??، وزيراعظم عمران خان جي رو??ي قيادت سان ملاقاتن ۾ پاڪ رو?? ڊگهي ??دي واري گهڻ رخي لاڳاپن جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان رو?? سان ڊگهي ??دي واري بنيادن تي گئس حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. پرڏيهي ??زارت ۾ وزيراعظم جي تازي رو?? جي دوري جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي ??زير چيو ته ماسڪو ۾ پاڪ رو?? قيادت جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان جي رو??ي صدر سان ساڍا ٽن ڪلاڪن جي ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي معاملن خاص طور تي افغانستان جي صورتحال ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي بابت معاملا بحث هيٺ آيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ رو?? ٻئي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن. وزيراعظم عمران خان رو?? جي صدر کي خاص طور تي والاريل ڪشمير جي صورتحال کا?? آگاهه ڪيو. رو??ي صدر سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ رو?? جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ ايل اين جي سميت ڪيترن ئي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته وڌيڪ ڌيان نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جيڪو پاڪستان جو اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبو سڏرائي ٿو، تي رهيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان پڻ رو?? جي صدر کي آگاهه ڪيو، رو?? جي نائب وزيراعظم ۽ توانائي واري وزير سان ملاقاتن ۾ پڻ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون وڌائڻ کا??سواءِ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کا??سواءِ رو?? کا?? گئس جي خريداري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ملڪي ضرورتن لاءِ گئس جي ضرورت آهي ۽ اسان رو?? سان ڊگهي ??دي وارن بنيادن تي گئس جي خريداري حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکون ٿا. پرڏيهي ??زي چيو ته رو?? گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل ۾ پڻ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ۽ مون پاڪستان ۽ رو?? جي بزنس ڪميونٽي جي فورم سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ ۽ تعاون وڌائڻ ۽ واپار جي فروغ ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ بئنڪنگ جي حوالي سان مشڪلاتن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪارائتي رهي. رو?? جي سيڙپڪارن مارچ جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شموليت ۾ پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم ماسڪو ۾ مسجد جو پڻ دورو ڪيو اتان جون سهولتون ڏسڻ وٽان آهن. مفتي اعظم سان ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رو?? فيڊريشن ۾ اٽڪل 25 ملين مسلمان رهن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي رو??ي قيادت سان ملاقات ۾ افغان صورتحال جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، افغان مسئلي تي رو?? ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هم آهنگي آهي. رو??ي قيادت کي ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ انساني الميي ۽ معاشي بحران جا اثر نه رڳو افغانستان پر خطي تي به پوندا. پرڏيهي ??زير چيو ته افغان مسئلي تي 30 ۽ 31 مارچ تي بيجنگ ۾ ويهڪ ٿيندي جنهن ۾ رو?? سميت افغانستان جي ويجهن پاڙيسري ملڪن جا پرڏيهي ??زير شرڪت ڪندا. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان ۽ رو?? عالمي خاص طور تي ايس سي او فورمن تي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته رو??ي قيادت سان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي عدم توازن، امن امان ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي ??زير چيو ته وزيراعظم يوڪرين جي حوالي سان پاڪستان جو موقف مناسب وقت ۽ مناسب جڳهه تي پيش ڪيو. هن چيو ته يوڪرين جي صورتحال رات وچ ۾ جنم ناهي ??رتو، ان جي ڊگهي تاريخ آهي. پاڪستان جي پهرين ڏينهن کا?? اها خواهش رهي آهي ته اهو تڪرار سفارتڪاري جي ذريعي حل ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ نقصان اسرندڙ ملڪن جو ئي ٿئي ٿو. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون هن وقت 100 ڊالر کا?? مٿي ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمتن تي پڻ اثر پوندو. هن چيو ته سفارتڪاري جا امڪان اڃا به موجود آهن ۽ معاملن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کا?? روڪي سگهجي ٿو، تڪرارن ۽ جنگين سان تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم جي رو?? جي دوري کا?? اڳ اسان وزيراعظم هائوس ۾ مشاورتي اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ اڳوڻن سفارتڪارن سميت پرڏيهي ??زارت جي سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي ۽ رو?? يوڪرين تڪرار جي پس منظر ۾ دوري جو جائزو ورتو ويو. مشاورت کا??پوءِ ان نتيجي تي پهتاسين ته رو?? سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو موقعو هٿ مان وڃائڻ نه گهرجي ۽ اسان جو فيصلو صحيح هو، اسان جي ڊپلوميسي اسپيس ۾ اضافو ٿيو. پرڏيهي ??زير چيو ته ڊائيلاگ ۽ ڊپلوميسي جي اهميت کا?? انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي ??زير چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ڪنهن گروپ جي سياست جو حصو نه بڻجندو. پاڪستان معاشي ۽ انساني طور تي ڪئمپ پاليٽيڪس جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اسان پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رکنداسين. اسان جا يورپي يونين آمريڪا سميت دنيا جي سمورين طاقتن سان بهترين لاڳاپا آهن. علائقائي رابطن جي لاءِ رو?? جي خصوصي اهميت آهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ??زير چيو ته رو?? جي دوري کا?? اڳ آمريڪي رابطا هئا، انهن ”معصومانه“ سوال ڪيو ۽ اسان ”مودبانه“ جواب ڏنو. وزيراعظم دوري سان انتهائي مطمئن هو ڇو ته ان جا يورپ ۾ نه ته محلات هئا ۽ نه بئنڪ اڪائونٽس، هو پاڪستان جي مفاد جي ڳالهه ڪرڻ ويو هو. اسان جي پرڏيهي ??اليسي ۾ هڪ جدت آهي، قوم کي ان ڳالهه تي اطمينان هجڻ گهرجي. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان جا يوڪرين سان سٺا لاڳاپا هئا ۽ آهن. پاڪستان يوڪرين کي وڏي اهميت ڏي ٿو. رو?? سان اسان جا فوجي لاڳاپا بهتري طرف وڃي رهيا آهن. يوڪرين ۾ پاڪستاني شهرين ۽ شاگردن جي حوالي سان پرڏيهي ??زير چيو ته اتي سمورا شاگرد محفوظ آهن، اتي پاڪستاني شاگردن جي مارجڻ جي حوالي سان خبر ۾ ڪا صداقت نه آهي. هن چيو ته منهنجي پاڪستاني سفير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ کيس پاڪستانين جي تحفظ جي هدايت ڏني آهي. پاڪستانين جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، اسان ڪيف مان سفارتخاني کي عارضي طور تي پولينڊ جي سرحد ويجهو يوڪريني شهر ترنول منتقل ڪيو آهي ته جيئن پاڪستاني شهرين کي آساني سان پولينڊ منتقل ڪري سگهجي. ملڪي سياست جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ??زير چيو ته مخالف ڌر جي ملاقاتن جو اسان تي ڪو اثر نه پوندو. اڄ ڇنڇر ڏينهن سنڌ حقوق مارچ جي لاءِ گهوٽڪي پهچي رهيو آهيان، بلاول ۽ شهباز شريف تيار ٿي وڃن، بلاول ڀٽو کي هر ڳالهه جو تفصيلي جواب لاڙڪاڻي ۾ ملندو.
پاڪستان ڪنهن ڪئمپ پاليٽسڪ جو حصو نه بڻجندو، اسان معاشي ۽ انساني طور تي گروپ سياست جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رکنداسين، روس گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر