سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن قائد حريت سيد علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي مشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ??شم??رين جي عزم کي ورجايو آهي. ??شم??ر ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ??شم??ر تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ??شم??رين جي امنگن موجب حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق سرينگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ??شم??رين جي خودمختياري جي حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ سيد علي گيلاني جي ڪردار ۽ عزم ۽ استقلال کي ??شم??ري عوام سدائين ياد رکندي. ڄمون ۽ ڪشمير ??يموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جنهن جي سربراهي غيرقانوني طور تي نظربند حريت اڳواڻ شبير احمد شاهه ڪري رهيو آهي، سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته خودمختياري جي حق لاءِ ??شم??رين جي جدوجهد ۾ سيد علي گيلاني جو بي مثال ۽ شاندار ڪردار سدائين ياد رکي?? ويندو، ڪشمير ??از جي لاءِ بزرگ اڳواڻ جي اڻٿڪ خدمتن کي ??شم??ر جي تاريخ ۾ ڊگهي عرصي تائين ياد رکي?? ويندو، سيد علي گيلاني هڪ ارڏو اڳواڻ هو جنهن ??شم??ر تڪرار تي اصولي موقف اختيار ڪيو، بي آواز ??شم??رين جو آواز بڻيو ۽ پنهنجي نظريي تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ??شم??ر شاخ جي اڳواڻن مشتاق احمد، سيد منظور احمد شاهه، سيد اعجاز رحماني ۽ راجا شاهين اسلام آباد ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو آهي ته سيد علي گيلاني عزم ۽ حوصلي جو پيڪر ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف ثابت قدمي جي علامت هو، سيد علي گيلاني هڪ شخص جو نالو نه پر هڪ نظريي ۽ تحريڪ جو نالو آهي، سندس جدوجهد، جرئت ۽ قربانيون دنيا جي انهن مظلوم ۽ ڪمزور قومن کي حوصلو بخشنديون رهنديون جن جي آزادي وڏن ملڪن کسي ورتي آهي، سيد علي گيلاني جو مشن ۽ نظريو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو.
غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن پاران قائد حريت سيد علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ