شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف ۽ يورپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل ملاقات ڪئي. چارلس مائيڪل پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ يورپي يونين جي احساس ۽ امداد کي ساراهيو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلين جا تباهي آڻيندڙ اثر سمورن ملڪن جي اتحاد جا گهرجائو آهن. و??ير??عظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ وانگر موسمياتي تبديلين جي خلاف عالمي اتحاد گهربل آهي، فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ ۾ يورپي يونين جي تعاون کي ساراهيون ٿا، پاڪستان ۽ يورپي يونين ۾ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جا خوا??شم??د آهيون، يورپي يونين ۽ پاڪستان جي حصيداري ۽ ٻطرفو تعاون ماضي ۾ گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ ج?? اهم ذريعو رهيا آهن. و??ير??عظم چيو ته ماضي جي اعتماد ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خوا??شم??د ۽ منتظر آهيون، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ ج?? لاءِ يورپي يونين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔