اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪندي ان جو دائرو سڄي ملڪ ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن تائين وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته وزيرا??ظم چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي سان عوام جي کيسن تي گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 496، ملڪ جي وڏن شهرن جنهن ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ڪوئيٽا ۾ 340 ۽ ٻين علائقن ۾ 1255 سرڪاري عمارتن تي سولر پينلز لڳايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ موجود سرڪاري عمارتن ۾ سولر پينلز کي لڳائڻ جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيرا??ظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن خواجه آصف، اسحاق ڊار، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم شهباز شريف سولرائيزيشن منصوبي جي ??وا??ي سان وڏا ف??صل?? ڪندي اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي منصوبو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي واضح هدايت ڪندي چيو ته هو درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪندو. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته باقي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي سان عوام جي کيسن تي بار گهٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی