اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، پڪو يقين آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، وقت سر چونڊن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال بهتري جي راهه کلندي. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملا??ات ڪئي. صد?? پاڪستان جي آئين جي پاسداري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان جي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته چونڊن ۾ دير سان جمهوريت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو گورنر هڪ جمهوري شخص آهي، صد?? گورنر کي آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صد?? جي حيثيت سان پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان، سپريم ڪورٽ به فيصلن جي توثيق ڪئي، اخت??اف گهٽ ڪرڻ ۽ سياسي پارٽين ۾ مفاهمت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. صد?? چيو ته ملڪ جي خاطر ڪنهن به شخص يا سياسي پارٽي سان ملڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ جي قيادت کي به ٻين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو، حڪومت سان سٺا لاڳاپا آهن. صد?? چيو ته پڪو يقين آهي ته پاڪستان ڪنگال نه ٿيندو، بهتر ۽ موثر مالياتي انتظام ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صد?? چيو ته ڪرپشن جي خ??اف آهيان ڇو ته ان پاڪستان کي بري طرح نقصان پهچايو، انهي لاءِ نيب ترميمي بل واپس ڪيو. صد?? چيو ته فيصلاسازي ۾ دير، ميرٽ جي خ??اف ورزي، پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن پاڪستان کي کوکليو ڪيو، ميڊيا سچا ۽ ذميواراڻا تجزيا ۽ راءِ پيش ڪري ماڻهن کي تعليم ڏي. صد?? چيو ته نئين ميڊيا جي عروج جي باوجود پرنٽ ميڊيا اڃا به ماڻهن جي راءِ جوڙڻ ۽ اهم مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صد?? پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، پڪو يقين آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، وقت سر چونڊن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال بهتري جي راهه کلندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ