اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل عالمي خاموشي سان حوصلو وٺي ۽ نتيجن جي ??رو??هه ڪرڻ کانسواءِ والاريل اولهندي ڪناري ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو بنا ڪنهن شڪ ۽ عملي طور تي جنگي ڏوهه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جنين پناهگير ڪئمپ ۾ اسرائيلي ف??ائ?? ۽ زميني ڪاررواين جي نتيجي ۾ 5 ٻارن سميت 12 فلسطينين جي شهادت دنيا لاءِ شايد رڳو انگ اکر هجن، پر اهي ماڻهو گو??ت ۽ رت سان ٺهيل انسان آهن، جن کي پنهنجي بنيادي حق جو مطالبو ڪرڻ تي قتل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسرائيلي ف??ائ?? حملن سان هزارين پناهه وٺندڙن جي ڪئمپ مان ڀڄڻ تي مجبور ٿيڻ جا منظر عالمي ضمير کي ج??جه??ڙيندا رهندا.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II