ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته ملڪي معاشي مسئلن جي ح?? لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي، ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولتون ڏيڻ ۽ ا??هن جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪراچي چي??بر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن صدر طارق يوسف ۽ چي?? ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيرن سيد نويد قمر، سيد امين الحق، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا، جهانزيب خان، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چي?? ته ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولت ۽ ا??هن جي مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي ح?? حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪي معاشي مسئلن جي ح?? لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ توهان جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن چي?? ته حڪومت ملڪ ۾ مثبت ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو ٺاهيو آهي ج??هن ۾ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سان ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جا عملدار واپاري برادري سان تعاون سان ا??هن جا مسئلا حل ڪن. هن چي?? ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي هڪ قيمت تي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائيندي. ان موقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چي?? ايگزيڪيوٽو ۽ واپاري برادري جي اڳواڻ زبير موتي والا واپاري برادري جي مسئلن جي ح?? لاءِ تجويزون پيش ڪيون ۽ وزيراعظم جي واپاري برادري جي مسئلن جي ح?? لاءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.
ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea