لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ برطانيا جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وڏي ا??گ ۽ پاڪستاني برادري جي ا??م شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وز??را??ظم شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل پائيدار پاڪ برطانيا لاڳاپن جي ا??ميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي برطانيا ۾ پاڪستاني برادري جي خدمتن کي ساراهيو. نگران وز??را??ظم آجياڻي جي شرڪت ڪندڙن کي ا??تصادي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي، ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. نگران وز??را??ظم جامع، آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي ا??ميت تي زور ڏيندي جمهوري نظرين جي لاءِ قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آجياڻي واري تقريب گڏيل مفاد جي معاملن تي تعميري مڪالمي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. آجياڻي جي پڄاڻي تي سوال ۽ جواب جو سيشن پڻ ٿيو جنهن ۾ نگران وز??را??ظم برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي سوالن جا ت??صيلي جواب ڏنا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري پاران آجياڻي جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر