اسلام آباد-26 سيپ??مب?? (اي پي پي)پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعل??ن ڪيو آهي. ڪميٽي وزارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر عملدارن تي ٻَڌل هوندي. تعليم واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته علمي، انتظامي ۽ ??ان??ني مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته ??وجوده مسئلن جو ذميدار ڪير آهي، ڪميٽي فوري پنهنجا نتيجا پيش ڪندي جنهن تي سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته ??نهنجي سرونگ ۽ رٽائرڊ استادن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اردو يونيورسٽي جا سمورا مسئلا مون آڏو رکيا ويا.هن چيو ته ايڊهاڪ بيسز تي يونيورسٽي نٿي هلي سگهي، مستقل عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??ان??ن جي بالادستيءَ سان ئي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي سمورن مسئلن کي اهڙي نموني حل ڪرڻو آهي ته جيئن صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.
وفاقي تعليم مدد علي سنڌي پاران اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس، فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی