روالپنڊي-06 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل س??د عاصم منير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري کاتا غير قانوني سرگرمين ??لا?? ڪاررواين کي پوري طاقت سان جاري رکندا ته جيئن وسيلن جي چوري ۽ انهن سرگرمين سبب ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڪراچيءَ جو دؤرو ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي علائقي ۾ آپريشن، سي پي اي سي/نان سي پي اي سي/پرائيويٽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي، ??ير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي، ??ير ملڪي ڪرنسيءَ کي ريگولرائز ڪرڻ جي قدمن، ڪراچي ٽرانسف??رم??شن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي ۽ گرين سنڌ جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف تاريخي قدمن جي فائدي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورتن تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي ورجايو ته ريا??تي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سندس استقبال ڪيو.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري کاتا غير قانوني سرگرمين خلاف ڪاررواين کي پوري طاقت سان جاري رکندا: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت