اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي وزير??عظ?? چوڌري انوارالحق سان ڳ??لهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزير??عظ?? نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي لاءِ ا??اريل آواز تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تي اسان ڪشميري توهان جا ٿورائتا آهيون. نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمخت??ار?? جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هر طرح سان انهن سان گڏ آهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهش موجب نه ٿو ٿئي، اسان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون.
پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری