منيلا- 06 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 65 ڪ??وڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪستان لاءِ 65 ڪ??وڙ 88 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اها رقم ٽن مختلف منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. بئنڪ جو چوڻ آهي ته فنڊن جي فر??هم?? جو مقصد پائيدار معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ آهي. هي مقامي وسيلا وڌائڻ ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي تي خرچ ٿيندا، انهن ف??ڊن سان غذائي تحفظ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان کي تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي موجب اي ڊي بي جو مقصد پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، ان مان 30 ڪ??وڙ ڊالر مقامي وسيلا وڌائڻ لاءِ پاليسي سڌارن تي خرچ ڪيا ويندا. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته پروگرام جو مقصد ٽيڪس، انتظامي معاملا، مينيجمينٽ جا خرچ ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل يوگيني زوڪوف چيو ته ??نا??سنگ جي هي اهم نئين لهر پاڪستان کي گذريل سال جي بحران ۽ سپر فلڊ جي اثرن مان نڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ ۾ مدد ڏيندي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ