اسلام آباد – 06 – مارچ (ا?? پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه ??لوي ملڪي ترقي ۾ عورتن جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ترقي پسند ۽ جامع معاشرو ممڪن نه ??هي. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه ??لوي چيو ته اها هر هڪ جي ذميواري آهي ته هو ڇوڪرين ۽ عورتن کي مناسب تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائي ته جيئن اهي باوقار زندگي گذا??ي سگهن. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته بهبود ايسوسيئيشن پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين اٽڪل 10 لک عورتن کي مختلف شعبن ۾ هنر ۽ تربيت فراهم ڪري بااختيار بڻايو آهي. هن چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ۽ ملڪ جي معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي شموليت تمام ضروري آهي، ملڪ ۾ عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، پاڪستان کي گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس ۾ 147 ملڪن مان 142 جي موجوده درجابندي کي بهتر ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن جي خواندگي جي شرح ۾ بهت??ي سان ملڪ جي مجموعي خواندگي جي شرح پاڻ ئي بهتر ٿي ويندي. ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاه?? پيدا ڪرڻ جي پنهنجي مهم جي حوالي سان ثمينه ??لوي چيو ته ان بيماريءَ جي جلد تشخيص کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو معائنو تمام اهم آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص قابل علاج آهي. اهڙي طرح هن ذهني صحت بابت آگاه?? پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو جيڪو ذهني دٻاءُ کان بچڻ ۽ ماڻهن کي صحتمند رکڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي معذور ماڻهن جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت جا مرڪز قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن اهي پنهنج?? پيرن ??ي بيهي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ي سگهن. ان کان اڳ خاتون اول ايسوسيئيشن جي اسٽاف ۾ شيلڊز ورهايون. ان موقعي تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) ڊاڪٽر نگار جوهر چيو ته بهبود ايسوسيئيشن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ ٻڌايو ته ايسوسيئيشن ج?? پيلٽ فارم تان 100 بسترن جي اسپتال تعمير هيٺ آهي ۽ هڪ سال جي اندر مڪ??ل ٿي ويندي. بهبود ايسوسيئيشن جي صدر ثمينه ??لوي کي بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين صحت ۽ سماجي مسئلن بابت آگاه?? پيدا ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو.
عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ترقي پسند ۽ جامع معاشرو ممڪن نه آهي: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔