اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رفح ڪراسنگ تي حملي ۽ گهيراءُ جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل ک?? عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پنهنجي تازه ڪاررواين مان ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي انساني حقن جي قانونن جي خل??ف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو آهي. هن فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت ڪئي پ??ي وڃي، فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي جاري ڏاڍ جي خل??ف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. تر??ما?? چيو ته پاڪستان عالمي سطح ۽ فورمز تي غزه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ عورتن تي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستان جي ان اصولي موقف هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. تر??ما?? گيمبيا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي ساراهيندي چيو ته اجلاس ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪئي.
پاڪستان پاران غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا