اسلام آباد – 09 – مئي (ا?? پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير ??ختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي ۽ سياحتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ??يڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته ازبڪستان سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضر??رت آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ ازبڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪ ازبڪ لاڳاپا صديون پراڻا ۽ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان علائقائي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، وچ ايشيائي ملڪ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻن. صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ بارٽر ٽريڊ، مقامي ڪرنسي جي استعمال، واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ جون تجو??زو?? ڏنيون. پرڏيهي وزير ??ختيار سيدوف جو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، گڏيل حصيداري بهتر بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جي ضر??رت آهي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ لنگهه سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزير ??زبڪستان جي صدر پاران صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ