اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ مالي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ موجب وزيراعظم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ موجود هئا. صدر آص?? علي زرداري چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقن جو خاص خيال رکيو وڃي. صدر ۽ وزيراعظم ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??. و??يراعظم شهباز شريف صدر کي چين جي تازي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وزيراعظم کي ??لڪي ترقي ۽ معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada