اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي ملڪ گير مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته هيپاٽائيٽس جي روڪٿام، سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ ترت ڪم ڪرڻ ج?? ضرورت آهي، حڪومت هيپاٽائٽس جي ڪري درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، هيپاٽائٽس سي جي خاتمي واري پروگرام تحت پاڪستان جي هر شهري کي هيپاٽائٽس سي جي لاءِ اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل هوندي. ??زي??اعظم چيو ته اسان کي ان بيماري کي ختم ڪرڻ ۽ سڀني لاءِ صحتمند مستقبل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب هيپاٽائٽس کان آگاهي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته هلندڙ سال هيپاٽائٽس جي عالمي ڏينهن جو عنوان آهي ”هي عمل جو وقت آهي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هيپاٽائٽس جي روڪٿام، سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ ترت ڪم ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. اڄوڪو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هيپاٽائٽس جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي سڀني لاءِ صحتمند مستقبل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. هن چيو ته هيپاٽائٽس هڪ خاموش وبا آهي جي??ا سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي جنهن سان جگر ۾ سوج پيدا ٿئي ٿي ۽ جي??ڏهن ترت علاج نه ٿئي ته امڪاني طور شديد پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، پاڪستان ۾ آبادي جو وڏو حصو هيپاٽائٽس سي انفيڪشن سبب متاثر آهي. عالمي سطح تي 60 ملين هيپاٽائٽس سي ڪيسز مان 10 ملين متاثرن جا ڪيسز پاڪستان ۾ موجود آهن، خدشو آهي ته جي??ڏهن وائرل هيپاٽائٽس جي روڪٿام ۽ خاتمي لاءِ ضروري قدم نه کنيا ويا ته اسان جگر جي ڪينسر جي وبا به ڏسي سگهون ٿا. ??زي??اعظم چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان آگاهي مهم، ويڪسينيشن پروگرامز، جاچ ۽ علاج تائين بهتر پهچ لاءِ وائرل هيپاٽائٽس کي منهن ڏيڻ ۾ گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي پر اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. اسان کي هيپاٽائٽس جي روڪٿام کي ترجيح ڏيڻي آهي. جلد سڃاڻپ کي يقيني بنائڻ ۽ سڀني جي لاءِ سستو ۽ پهچ جوڳو علاج فراهم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ??زي??اعليٰ پنجاب جي حيثيت سان منهنجي دور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ لور ٽرانسپلانٽ انسٽيٽيوٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جي??ا اهم اڳڀرائي آهي. پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ هيپاٽائٽس جي حوالي سان جديد فلٽر ڪلينڪس سان گڏوگڏ گڙدي ۽ جيري جي مريضن کي جديد ترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت هيپاٽائٽس جي ڪري درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان حوالي سان مون کي هڪ ملڪ گير مهم، جنهن جو مقصد هيپاٽائٽس سي جو خاتمو آهي، جو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. اسان جو ڌيان جاچ ۽ علاج جي مرڪزن جي بهتري تي هوندو، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته فراهم ٿيندڙ خدمتون اسان جي شهرين ج?? ضرورتن موجب هجن. ??زي??اعظم چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي هر شهري کي هيپاٽائٽس سي جي لاءِ اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل ٿيندي، ان قدم جو بنيادي مقصد ايڇ سي وي کان متاثر ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ ڪوششن کي بهتر ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي نقصانن کي گهٽائڻ، جگر جي ڪينسر ۽ ان بيماري جي ڪري فوتگين جي خدشن کي گهٽ ڪرڻو آهي. ??زي??اعظم چيو ته ”اچو، هيپاٽائٽس جي هن عالمي ڏينهن تي، اسان هيپاٽائٽس جي حوالي سان آگاهي، وائرل هيپاٽائٽس کان متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ ان بيماري جي بار کان آزاد مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ڪوششن ۾ متحد ٿيون، اسان سڀ گڏجي هڪ صحتمند ۽ خوشحال قوم بڻجي سگهون ٿا“.
پاڪستان جي هر شهري کي هيپاٽائيٽس سي لاءِ اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت پهچ حاصل ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن