اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاڻي وسيلن جي تحفظ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ڪنهن به صوبي ??ان ڪا ناانصافي نه ٿيڻ ڏبي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ پ پ جي پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان جي ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ڄاڻايل تبديلين خلاف ڌ??ان ڇِڪرايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته سمورن صوبن جو ڪيس منهنجو ڪيس آهي، ا??ان گڏيل طور تي اهڙو قانون بڻائينداسين جنهن ??ان سمورن صوبن کي فائدو پهچي. هن چيو ته ارسا جي حوالي ??ان جيڪي به قدم کڻنداسين، ان حوالي ??ان سمورن صوبن ۽ شراڪتدارن ??ان مشاورت ڪئي ويندي. ارسا طرفان جيڪي دستاويز مون وٽ آيا آهن انهن ۾ سمورن صوبن جي ميمبرن جون صحيحون آهن، ان ۾ سنڌ جي ميمبرن جون به صحيحون آهن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ جو ذڪر ٿئي ٿو ته مون کي لڳي ٿو منهنجو ذڪر ٿي رهيو آهي، سنڌ، پنجاب سڀني صوبن جو مسئلو، پاڪستان جو مسئلو آهي، جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي اعتراض آهي ته ائين نه ٿيندو، هڪ اهڙي شيءِ جيڪا اڃا آئي ئي ناهي ان تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ا??ان سڀني ??ان گڏجي هلنداسين. پاڻي وسيلن جي ورهاست سائنسي بنيادن تي ڪئي ويندي، پاڻي جي ورهاست جو معاملو جيڪڏهن پارليامان کان ٻاهر ٿيندو ته هميشه لاءِ هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال 6 مهينن ۾ 18.8 ملين ايڪڙ پاڻي ڪوٽڙي دريا مان سمنڊ ۾ ويو، هر سال ڪيترائي ڀيرا واڌو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي، پاڻيءَ جي مقدار وڌڻ ??ان زمين ۾ نمڪيات وڌي وڃي ٿي. ان کان پوءِ ڌ??ان ڇِڪرايو نوٽيس تي پنهنجو خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ڄاڻايل تبديلين ذريعي سنڌ طاس معاهدي تي حملو ڪيو ويو آهي، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جو مقدار انتهائي گهٽ نظر اچي ٿو، پاڻي جي منصفاڻي وِرڇ وفاق جي ذميواري آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ نگران دؤر ۾ به تبديلين جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي محرومين کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، سمجهه ۾ نٿو اچي ائين ??و ٿو ڪيو وڃي، عوام پهر??ان ئي بلن جي چَڪيءَ ۾ ??سج?? رهي آهي، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي آئي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ان خلاف ٺهراءُ آندو ويو آهي، پهر??ان ئي بلوچستان ۾ احساس محرومي آهي، سنڌ ??ان ائين نه ڪيو وڃي. سينيٽر ضمير حسين گهمرو چيو ته ڄام صادق جي دؤر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو سامهون آيو، پاڻيءَ تي صرف هڪ صوبي جو ڪنٽرول آهي، واپڊا پنهنجون ذميداريون نڀائڻ ۾ ناڪام رهي، ارسا ايڪٽ تحت پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ هوندو آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ کي نگران حڪومت ۾ پهرين آرڊيننس ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ارسا ايڪٽ ??ان ڇيڙڇار ڪئي پئي وڃي، ارسا ايڪٽ تي عمل ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
وفاقي حڪومت پاڻي وسيلن جي تحفظ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری