اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبل??ءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ميڊيا آفيس مان جاري ??يان موجب ان موقعي تي اسپيڪر وچ اوڀر ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻت??ءَ جو اظهار ڪيو. هن فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ فوري ??نگبندي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط رشتن تي ٻَڌل آهن. ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر چيو ته ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ??اءِ پارلياماني سفارتڪاري ??نتهائي اهميت جوڳي آهي. ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اسپيڪر چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي ميمبرن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا موقعا فراهم ٿيندا. اسپيڪر پنهنجي مصري هم منصب کي پاڪستان جي دؤري ??ي دعوت ڏني. مصر جي سفير اسپيڪر جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ واري ??جويز سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني رابطن ۾ واڌ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??گهي ٿي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان مصر جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز