اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار وا??ي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ??يو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي ملائيشيا جي هم منصب سان ملاقات ?? ڪيو. وفاقي وزير ملائيشيا جي سيڙپڪاري ۽ واپار وا??ي وزير ٽينگو عبدالعزيز سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ پاڪستان مان ملائيشيا کي ايڪسپورٽ ٿ??ند?? شين ۽ واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ?? واپار ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان جي تقريبن سمورن شعبن ۾ ترقيءَ جا امڪان موجود آهن ۽ ملائيشيا جي سيڙپڪارن کي انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته پاڪستان ??ڄي دنيا ۾ اعليٰ معيار جا چانور ۽ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني انبن، حلال گوشت ۽ چانورن جي تمام گهڻي کپت آهي. هن ??يو ته ملائيشيا چانورن جي امپورٽ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ سهڪار ڪري، پاڪستان حڪومت چانورن جي گهٽ ۾ گهٽ ايڪسپورٽ قيمت (ايم اي پي) کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن سان پاڪستاني واپار ڪندڙن کي چٽاڀيٽي جي قيمتن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن پاڪستاني گوشت ۽ جيليٽن ايڪسپورٽ ڪندڙ ڪمپنين لاءِ ايڪريڊيٽيشن جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن ??يو ته ان شعبي ۾ سهڪار سان واپار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي سگهي ٿو. واپار وا??ي وزير ??يو ته پاڪستاني واپارين کي ملائيشيا لاءِ گوشت ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ پيش ا??ند?? ڏُکيائين کي حل ڪرڻ ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي، ان سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان واڌ ممڪن ٿيندي. بعد ۾ ملائيشيا جي وزير پاڪستان کي آسيان جي سرگرمين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ڇاڪاڻ ته ملائيشيا آسيان جي سربراهي سنڀالي رهيو آهي.
ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری